ڪراچي ڊمپر ۽ ڪار حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ڪيترائي زخمي

شهر قائد جي علائقي ملير ڪينٽ وٽ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو۔تفصيل موجب، ملير ڪينٽ جي ويجهو روڊ تي ڊمپر موٽرسائيڪل کي ڪچلي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (ASF) جو ملازم حياتي وڃائي ويٺو۔ پوليس موجب فوت ٿيل اهلڪار ايئرپورٽ تان گهر واپس وڃي رهيو هو، جڏهن ته موٽرسائيڪل ڊمپر هيٺ اچي ڦاسي پئي۔حادثي کان پوءِ پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رپورٽ موجب ڊرائيور جو لائسنس 16 آڪٽوبر تي ختم ٿي چڪو هو۔ٻئي پاسي، ڪراچي جي شارع فيصل تي بلوچ ڪالوني پل وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوار ۽ ڪار سوار زخمي ٿي پيا۔پوليس مطابق حادثو ٻن ڪار سوارن جي ريس دوران پيش آيو، هڪ ڪار بي قابو ٿي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائي وئي ۽ ان کان پوءِ الٽي پئي۔ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪئي۔ واقعي جي جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو