ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي گڏيل سيٽ تي ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي، غير سرڪاري نتيجن موجب وڪيل عبدالغني بجاراڻي 811 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته وڪيل احمد رضا خان سندراڻي 689 ووٽ وٺي ٻئي نمبر تي رهيو۔وڪيلن ۽ عبدالغني بجاراڻي جي حمايت ڪندڙ پينل پاران وڏي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، بار آفيس ۾ زوردار نعرا هيا ويا ۽ مٺايون ورهايون ويون۔تفصيل موجب، سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ريجن مان جاري ڪيا ويا آهن۔ڪنڌڪوٽ مان عبدالغني بجاراڻي 149 ووٽ ۽ مخالف ڌر احمد رضا خان سندراڻي 119 ووٽ حاصل ڪيا۔جيڪب آباد مان عبدالغني بجاراڻي 31 ۽ احمد رضا سندراڻي 26 ووٽ کنيا۔
قمبر شهدادڪوٽ مان عبدالغني بجاراڻي 108 ۽ مخالف ڌر 90 ووٽ کنيا۔لاڙڪاڻو مان عبدالغني بجاراڻي 446 ۽ احمد رضا سندراڻي 337 ووٽ حاصل ڪيا۔شڪارپور مان عبدالغني بجاراڻي 77 ووٽ ۽ احمد رضا خان سندراڻي 117 ووٽ کنيا۔غير سرڪاري ۽ غير تصديق ٿيل نتيجن مطابق، عبدالغني بجاراڻي واضح اڪثريت سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي۔
