مسلم ليگ ن پاران 27هين آئيني ترميم ۾ پيپلز پارٽي کان سهڪار جي درخواست بلاول ڀٽو زرداري جو بيان

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ پيپلز پارٽي کان سهڪار گهريو آهي۔سماجي رابطن واري پليٽفارم X (سابق ٽوئٽر) تي بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ ن جو هڪ وفد صدر آصف علي زرداري ۽ مون سان ملاقات لاءِ آيو، جتي وفد پيپلز پارٽي کان 27هين آئيني ترميم جي حمايت گهري۔بلاول ڀٽو موجب مجوزه آئيني ترميمي پيڪيج ۾

  • آئيني عدالت جو قيام،
  • ايگزيڪيوٽو مجسٽريٽس جي بحالي،
  • ججن جي تبادلي جا اختيار،
  • اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبائي حصي جي تحفظ ختم ڪرڻ،
  • ۽ آرٽيڪل 243 ۾ تبديليءَ جهڙا نڪتا شامل آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته مجوزه ترميم ۾ تعليم ۽ آبادي جي منصوبه بندي جا اختيار ٻيهر وفاق ڏانهن واپس ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرريءَ تي هلندڙ جمود ختم ڪرڻ جون تجويزون به شامل آهن۔

پنھنجي راءِ لکو