پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنجاب لوڪل گورنمينٽ بل 2025 خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، تيار ڪيل درخواست جلد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي۔شيخ امتياز محمود، اعجاز شفيع، منير احمد ۽ ميان شبير اسماعيل طرفان جمع ڪرايل درخواست صدر، وزيراعظم، گورنر پنجاب ۽ وزيراعليٰ پنجاب سميت ٻين اعليٰ عملدارن ڏانهن موڪلي وئي آهي۔درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تجويز ڪيل بل جي ڪيترين ئي شقن آئين جي آرٽيڪل 17، 32 ۽ 140-اي سان ٽڪراءُ ڪن ٿيون۔ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته غير جماعتي ماڊل سان سياسي پارٽين جو ڪردار ڪمزور ٿيندو ۽ مقامي نمائندن جي جاءِ تي آفيسرن جو ڪنٽرول وڌندو۔اعجاز شفيع چيو ته “غير جماعتي ۽ هڪ ووٽ ملٽي ميمبر يونين ڪائونسل ماڊل” تي شديد خدشا آهن، جڏهن ته ايڊمنسٽريٽرز کي غير معيّن مدت تائين مقرر رکڻ جو اختيار به غير آئيني آهي۔درخواست ڏيندڙن مطالبو ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل چيئرمين جي سڌي چونڊ بحال ڪئي وڃي، بلدياتي نظام لاءِ پنج ساله مدت ۽ صاف شفاف اليڪشني شيڊول لازم قرار ڏنو وڃي۔
پي ٽي آءِ اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته هو بل تي عملدرآمد روڪڻ لاءِ عدالت مان حڪمِ امتناع به گهريندا۔
