گوجر خان جو نويد مرزا جتي ايمبولينس نه پهچي اتي موٽر سائيڪل ايمبولينس پهچي ٿي

راولپنڊي جي تعلقه گوجر خان سان واسطو رکندڙ نويد مرزا انسانيت جي خدمت جي هڪ نئين مثال بڻجي ويو آهي۔
هن پنهنجي موٽر سائيڪل کي ايمبولينس جي صورت ۾ تيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي هو انهن علائقن ۾ زخمين ۽ مريضن کي پهرين طبي امداد فراهم ڪري ٿو، جتي عام ايمبولينس نه پهچي سگهي۔نويد مرزا باخبر سویرا پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن اهو ڪم 8 آڪٽوبر 2005 جي خوفناڪ زلزلي کان پوءِ شروع ڪيو، جڏهن سندس ڪيري ڊٻو متاثر علائقن ۾ نه وڃي سگهيو، تڏهن هن موٽر سائيڪل ذريعي خدمت جو فيصلو ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو