نادرا شهرين جي سهولت لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ جديد ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سان هاڻي شهرين کي آفيس جا چڪر لڳائڻ جي تڪليف نه ٿيندي۔نادرا جي ترجمان موجب هاڻي شهري پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ گهر ويٺي آن لائن درخواست ڏئي سگهن ٿا۔ نادرا جي Pak ID ويب سائيٽ يا موبائل ايپ ذريعي درخواست جمع ڪرائڻ کان پوءِ ڪارڊ ڪوريئر سروس ذريعي سڌو گهر پهچايو ويندو۔نادرا جو چوڻ آهي ته هي نئون نظام شهرين جو قيمتي وقت بچائيندو ۽ کين قطارن ۾ بيهڻ جي زحمت کان آزاد ڪندو۔وڌيڪ ڄاڻ يا آن لائن درخواست لاءِ نادرا جي ويب سائيٽ www.nadra.gov.pk يا هيلپ لائين 1777 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو۔ياد رهي ته نادرا (NADRA) يعني نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي پاڪستان جي هڪ وفاقي اداري آهي، جيڪو وزارت داخلا جي ماتحت ڪم ڪري ٿو۔ هي ادارو 2000ع ۾ قائم ڪيو ويو هو ته جيئن پاڪستاني شهرين جو بايوميٽرڪ ڊيٽا ۽ سڃاڻپ نظام هڪ محفوظ ۽ جديد ڊيٽابيس ۾ گڏ ڪري سگهجي۔نادرا جا اهم ڪم شامل آهن: سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) جو اجرا ۽ تجديد، ٻارن لاءِ ب فارم (CRC) جاري ڪرڻ، نادرا تصديق نظام ذريعي بئنڪ، سم ۽ جائيداد جي تصديق، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ NICOP ۽ POC ڪارڊ جاري ڪرڻ۔
