عليمه خانم خلاف ستين ڀيرو ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ 12 بينڪ اڪائونٽ منجمد

دهشتگردي جي انت واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج واري ڪيس ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خانم خلاف ستين ڀيرو ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا۔ڪيـس جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه ڪئي، جتي ڪيس ۾ شامل 10 جوابدار پيش ٿيا، جڏهن ته عليمه خانم پيش نه ٿي۔پراسـيڪيوٽر ظهير شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ عدالت ۾ موجود هو، جڏهن ته پنج گواهه به پيش ٿيا۔سماعت دوران عليمه خانم جي بينڪ اڪائونٽس بابت رپورٽ پيش ڪئي ويئي، جنهن موجب مختلف بينڪن ۾ سندن 12 اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا، هڪ اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک رپيا موجود آهن۔عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ٻن بينڪن جي مينيجرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ ٻن بينڪن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيا۔پراسـيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته عليمه خانم عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ ڄاڻي واڻي ٽرائل کي روڪي رهي آهي۔عدالت ڊي جي پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي، چيئرمين سي ڊي اي، ڪميشنر اسلام آباد، بورڊ آف ريونيو ۽ ايس اي سي پي کان عليمه خانم جي ملڪيتن جو تفصيلي رڪارڊ طلب ڪيو۔دهشتگردي جي عدالت پراسـيڪيوشن جي درخواست تي عليمه خانم جا ٻيهر ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔

پنھنجي راءِ لکو