عالمي ٽيڪنالاجي اداري يانگو گروپ جي ذيلي سروس يانگو رائيڊ پاڪستان ۾ پنهنجي ايپ ۾ نئون سيفٽي فلو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي۔ هن اپڊيٽ تحت مسافرن لاءِ ذاتي نوعيت واري حفاظتي چيڪ لسٽ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن سان صارف سفر دوران اهم حفاظتي قدمن تي آساني سان عمل ڪري سگهندا۔ ايپ ۾ نئون سيفٽي سينٽر پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو سفر کان اڳ ۽ دوران اهم حفاظتي رهنمائي مهيا ڪندو۔ ڪمپني موجب اهو نئون حفاظتي نظام آهستي آهستي ملڪ ڀر ۾ سڀني صارفن لاءِ دستياب ڪيو ويندو۔نئين سيفٽي سينٽر ۾ مسافرن لاءِ مڪمل چيڪ لسٽ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سفر شروع ڪرڻ کان اڳ اهم قدم شامل آهن جن ۾ آن بورڊنگ هدايتن جو جائزو، ذاتي ڄاڻ مڪمل ڪرڻ، ڀروسي لائق رابطن جو اندراج، سيلفي وٺڻ ۽ اي ميل اپڊيٽ ڪرڻ شامل آهن، جيئن سفر وڌيڪ محفوظ ۽ اطمينان بخش طريقي سان شروع ٿي سگهي۔ يانگو موجب هي نئون سسٽم صارفن لاءِ سفر کي وڌيڪ محفوظ، آرامده ۽ اعتماد ڀريو بڻائيندو۔
