استانبول پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومتي نمائندن وچ ۾ جاري ڳالهين دوران، پاڪستاني وفد افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملن جا پختا ثبوت ۽ منطقي مطالبا ثالثن جي حوالي ڪري ڇڏياتفصيل موجب، استانبول ۾ پاڪ–افغان ڳالهين ثالثن جي موجودگي ۾ جاري آهن۔سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان جو بنيادي مطالبو آهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي۔ثالثن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي مهيا ڪيل ثبوتن کي معتبر ۽ بين الاقوامي قانون جي اصولن مطابق تسليم ڪيو آهي۔اطلاعن موجب، ثالث هاڻي افغان طالبان جي وفد سان پاڪستاني مطالبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن۔ياد رهي ته گذريل مهيني 25 کان 28 آڪٽوبر تائين استانبول ۾ ٿيل ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي هئي۔ان وقت پاڪستان افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن جي روڪٿام لاءِ قابل تصديق نظام قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو۔وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ موجب، گذريل ڳالهين چار ڏينهن تائين جاري رهيون پر ڪو عملي نتيجو نه نڪري سگهيو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هن نئين دور ۾ پاڪستاني وفد جو ڌيان هڪ نڪتي ايجنڊا تي هوندو، جنهن جو مقصد سرحدي استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عملي سهڪار وڌائڻ آهي۔
