ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن جي شروعات ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سياري جو امڪان

ڪراچي موسمياتي اداري جي اڳڪٿي موجب شهر ۾ رات جي وقت ٿڌيون هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ موسم وڌيڪ سرد ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔تفصيل موجب شهرِ قائد جو موسم تبديل ٿيڻ لڳو آهي، صبح جي وقت خنڪ ۽ ٿڌي هوا محسوس ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته رات جي وقت ٿڌين هوائن جو زور وڌڻ جي اميد آهيموسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هن وقت شهر ۾ موسم سڪل ۽ ٿڌو آهي ۽ سامونڊي هوائون بند آهن، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڏينهن جو موسم گرم ۽ سڪل رهڻ جو امڪان آهي۔اداري مطابق گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 35 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 66 سيڪڙو آهيايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب ڪراچي جي هوا تمام گهڻي آلودہ قرار ڏني وئي آهي، جتي 256 پارٽيڪيوليٽ ميٽرز رڪارڊ ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ ڪراچي دنيا جي آلودہ ترين شهرن ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو