لاهور ۾ گرفتار ملزم جي گهر مان هٿ آيل خودڪش جيڪٽ ۾ ديهي ڌماڪيدار مواد استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

غازي آباد واري علائقي مان گرفتار ٿيل ملزم جي گهر مان هٿ آيل خودڪش جيڪٽ بابت اهم انڪشافات سامهون آيا آهن۔ تحقيقات موجب جيڪٽ ۾ ديهي ٺهيل ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو هو۔تفصيل موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد مردان سان واسطو رکندڙ ابرار نالي شخص مهيا ڪيو هو۔ پوليس مردان ۾ ڇاپو هنيو پر ابرار اُتي موجود نه هو۔ذريعن مطابق گرفتار ٿيل ملزم خان بابا گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ڌماڪيدار مواد استعمال ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، پر ريڊ دوران کيس اهو موقعو نه مليو۔تحقيقات دوران معلوم ٿيو ته ملزم جي گهر مان جديد هٿيارن جو وڏو ذخيرو به هٿ آيو آهي۔پوليس موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حوالي ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو