نوابشاهه ۾ 17 نومبر تي عام موڪل جو اعلان

نوابشاهه ڊپٽي ڪمشنر جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سومر، 17 نومبر 2025ع تي ضلع ۾ عام موڪل ڪئي وينديتفصيل موجب حضرت سيد اصغر علي شاهه عرف سخي جام داتار جي 754هين سالياني عرس جي موقعي تي حڪومت سنڌ پاران شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) ضلعي ۾ مقامي موڪل جو باقاعدي اعلان ڪيو ويو آهي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظامي نوٽيفڪيشن ۾ چيو آهي ته ان ڏينهن سڀ سرڪاري آفيسون، عوامي کاتا ۽ تعليمي ادارا بند رهنداضلعي انتظاميه جي تصديق موجب عرس جون تقريبون 17 کان 19 نومبر تائين جام صاحب ٽائون ۾ ٿينديون، جتي سخي جام داتار جو مزار واقع آهي۔

پنھنجي راءِ لکو