ويٽيڪن ۾ پوپ ليو ۽ محمود عباس جي ملاقات غزه جي صورتحال ۽ ٻن رياستن جي حل تي زور

فلسطيني صدر پاران آنجهاني پوپ فرانسس جي قبر تي گلن جي چادر چڙهائي وئي، غزه واسين سان همدردي جو اظهارويٽيڪن: ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ ليو ۽ فلسطيني اختيارين جي صدر محمود عباس ويٽيڪن سٽي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ غزه جي موجوده صورتحال، انساني امداد ۽ سياسي حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيعرب ميڊيا موجب اها ملاقات خميس ڏينهن ٿي۔ محمود عباس هن موقعي تي آنجهاني پوپ فرانسس جي قبر تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ چيو ته هو پوپ فرانسس جي فلسطيني ماڻهن لاءِ خلوص ۽ انصاف پسند خيالن کي ڪڏهن نه وساريندو۔ويٽيڪن جي بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن غزه جي شهري آبادي جي فوري ضرورتن، امدادي رسد ۽ مستقل امن بابت ڳالهايو۔هي دورو ان وقت ٿيو جڏهن غزه ۾ لڳاتار هڪ مهيني کان جنگ بندي قائم آهي۔ ياد رهي، محمود عباس جولاءِ ۾ به فون تي پوپ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر هن ڀيري پاڻ ويٽيڪن پهتو۔محمود عباس ۽ پوپ ليو جي ڳالهه ٻولهه ۾ اتفاق ڪيو ويو ته غزه جي ماڻهن تائين فوري امدادي شيون پهچائڻ ضروري آهن، جڏهن ته ٻن رياستن جو حل ئي فلسطيني تڪرار جو واحد رستو آهي۔ياد رهي، ويٽيڪن سٽي 2015ع ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪيو هو، ۽ محمود عباس اڳ ۾ به آنجهاني پوپ فرانسس سان ڪيترائي ڀيرا ملي چڪو آهي۔پوپ فرانسس پنهنجي وفات کان هڪ مهينو اڳ اسرائيلي حملن خلاف سخت بيان جاري ڪيو هو، جڏهن ته پوپ ليو وڌيڪ احتياط وارو لهجو اختيار ڪيو۔
هن غزه جي ماڻهن جي زبردستي لڏپلاڻ جي مذمت ڪئي، پر چيو ته هو غزه جي حالتن کي نسل ڪشي نٿو سمجهي۔

پنھنجي راءِ لکو