ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪيبل فالٽ برقرار ڪراچي واسين کي پاڻي جي وڏي کوٽ

ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي زير زمين ڪيبل فالٽ 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود حل نه ٿي سگهيو جنهن سبب ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي۔ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب فورتھ فيز جي بجلي 5 نومبر تي فالٽ سبب بند ٿي هئي ۽ ٽيمون مرمتي ڪم ۾ مصروف آهن، پر فالٽ جي نوعيت سبب دير ٿي رهي آهي۔پاڻي نه پهچڻ سبب 3 پمپ بند آهن ۽ شهر کي 140 ملين گيلن پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان 18 ڪلاڪن ۾ فالٽ درست ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي هئي، پر صورتحال جڳهه تي بيٺل آهي۔ڪي اليڪٽرڪ جو بيان آهي ته اسٽيشن تي 22 مان 19 لائنون بحال آهن ۽ فالٽ ختم ٿيندي ئي باقي 3 پمپس به هلائي ڇڏيا ويندا۔گذريل مهيني به حب ڪينال جي مرمتي ڪم سبب ٻه ڏينهن پاڻي جي فراهمي بند رهي هئي۔واٽر ڪارپوريشن شهرين کي پاڻي سوچ سمجھي استعمال ڪرڻ ۽ گهربل مقدار اڳواٽ ذخيرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو