گردشي قرض ۾ واڌ جون اصلي سبب سامهون نيپرا پاران تشويش جو اظهار

پاور سيڪٽر جي گردشي قرض ۾ اضافو هڪ وڏو قومي مسئلو بڻجي ويو آهي،نيپرا اختيارين ٻڌايو آهي ته بجلي ڪمپنين جا نقصان وڌڻ ۽ وصوليون گهٽجڻ قرض وڌڻ جا اهم سبب آهن۔تفصيل موجب نيپرا ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 تائين جي سه ماهي ايڊجسٽمينٽ بابت ٻڌڻي ٿي، جتي ٻڌايو ويو ته جيستائين ڪمپنين جون وصوليون بهتر نه ٿينديون، سرڪولر ڊيٽ ختم نٿو ٿي سگهي۔نيپرا جي ٽيڪنيڪل ميمبر رفيق شيخ چيو ته بجلي ڪمپنين جي بدانتظامي ۽ نقصانن جي ذميواري سڌي طرح عوام تي وجهڻ مناسب نه آهي۔سماعت دوران صارفين چيو ته عوام اڳ ئي بجلي بلن ۾ سرچارج ادا ڪري رهيا آهن، پر قرض گهٽجڻ بدران وڌيڪ وڌي رهيو آهي۔پاور ڊويزن جي غيب ٿيڻ تي نيپرا اختيارين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهن کي اظهارِ ناراضگي جو خط لکيو ويندو۔سماعت مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، ۽ نيپرا چيو ته ڊسڪوز جا انگ اکر جائزو وٺڻ بعد فيصلو جاري ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو