استنبول پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ترڪي ۽ قطر جي ثالثي ۾ ٿيندڙ اهم ڳالهين ٻيهر ڪنهن به حتمي نتيجي کانسواءِ ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن

پاڪستان ڳالهين ۾ انتهائي صاف ۽ غير مبهم موقف اختيار ڪيو ته علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ صرف زباني يقين ڏيارڻ ڪافي ناهي پاڪستان جو بنيادي ۽ قانوني مطالبو افغان سرزمين تان تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جو مڪمل خاتمو۔انهن گروپن جي اڳواڻن کي پاڪستان کي حوالو ڏيڻ هڪ تحريري ۽ مضبوط يقين ڏيارڻپاڪستان واضح ڪيو ته هي مطالبو ڪهڙي به ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ناهي، پر گڏيل قومن جيقراردادن ۽ بين الاقوامي قانونن جي مطابق آهي۔بهرحال، ڳالهين جي آخري مرحلي ۾ افغان وفد مضبوط ۽ قابل عمل قدم کڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب ڳالهين ڪامياب نه ٿيون ٿيون۔ذبيح الله مجاهد جو بيان ۽ پاڪستان جو ردعمل:افغانطالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي تازه بيان تي پاڪستان شديد تحفظات جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي موقف کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو۔سفارتي حلقن موجب، هي بيان دراصل روايتي پروپيگنڊا آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي جي قيادت، تربيت ۽ فنڊنگ جو نيٽورڪ اڃا به افغانستان ۾ سرگرم آهي، جيڪو علائقي جي امن لاءِ خطرو آهي۔مشترکہ مانيٽرنگ ميڪنزم جو مطالبوپاڪستان تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن افغان ريجم واقعي پنهنجي سرزمين کيدهشتگردن کان پاڪ سمجهي ٿو، ته بين الاقوامي مشاهرين، ترڪي يا قطر جي نمائندن سان گڏ مشترڪه مانيٽرنگ ميڪنزم قبول ڪري ته جيئن حقيقتون عوام جي سامهون اچن۔پاڪستان جو موقف: قومي سلامتي تيسمجھوتوناهي:پاڪستانهميشه گفتگو، علائقائي تعاون ۽ امن کي ترجيح ڏني آهي ۽ لکين افغان مهاجرين کي پناه ڏني آهي۔بهرحال، ذريعن موجب پاڪستان پنهنجي عوام جي سلامتي تي ڪنهن به سمجھوتي جو متحمل نٿو ٿي سگهي ۽ صرف بيان نه پر عملي قدمن سان دهشتگردي جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو