افغانستان جي زمين مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت ٻيهر سامهون آيا.سيڪيورٽي ذريعن موجب، 30 سيپٽمبر تي فرنٽيئر ڪور هيڊ ڪوارٽر (نارٿ) ڪوئٽه تي ٿيل خودڪش حملي ۾ ٻيو حملي آور افغان دهشتگرد نڪتو. فتنہ الخوارج جو هي خودڪش حملي آور محمد سهيل عرف خباب جي نالي سان سڃاتو ويو.ذرائع موجب محمد سهيل عرف خباب افغانستان جي صوبو وردڪ، ضلعي ميدان شهر جو رهواسي هو. انهي حملي ۾ 8 شهري شهيد ۽ 40 زخمي ٿيا.ايف سي هيڊ ڪوارٽر نارٿ (ڪوئٽه) تي حملو فتنہ الخوارج جي افغان دهشتگردن جي شرمناڪ مثال آهي. افغان طالبان ريجم جي عهد شکني ۽ دهشتگردن جي لڳاتار پشت پناهي سڄي خطي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي.
