آسام حڪومت جو تاريخي فيصلو: گهڻ شادي غير قانوني قرار، نئين قانون تحت غير قانوني شادي تي 7 سال قيد

ڀارت آسام حڪومت باقاعده گهڻ شادي (پوليگامي) کي غير قانوني قرار ڏئي هڪ اهم قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هاڻي ڪو به شخص هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي نه ڪري سگهندو.رپورٽن مطابق، رياستي ڪابينا اعلان ڪيو آهي ته “آسام پولیگامي پروہيبیشن بل 2025” کي 25 نومبر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هنبلمطابقجيڪڏهن ڪو شخص پهرين شادي جي خاتمي يا قانوني طلاق کان سواءِ ٻي شادي ڪندو ته کيس 7 سال قيد جي سزاٿيندي.نئين قانون تحت پوليس کي اختيار ڏنو ويو آهي ته اهي بنا وارنٽ جي اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪريسگهن.حڪومتواضح ڪيو آهي ته هي قانون رياست جي قبائلي برادرين ۽ شيڊول 6 علائقن تي لاڳو نه ٿيندو، جيئن هتان جي روايتيسماجي ڍانچي تي اثر نه پوي. ساڳي طرح مسلم اقليت جي اهي نڪاح جيڪي 2005 کان اڳ ٿيا هئا، انهن تي هي قانون لاڳو نه ٿيندو.وزيراعليٰ چيو ته هي قانون عورتن جي حقن جي تحفظ، صنفي برابري جي فروغ ۽ عورتن جي خودمختياري لاءِ تاريخي قدم آهي.ان کان علاوه، حڪومت انهن عورتن لاءِ هڪ خصوصي امدادي فنڊ قائم ڪري رهي آهي جيڪي گهڻ شادي واري نظام کان متاثر ٿيون آهن.

پنھنجي راءِ لکو