گوگل جو نئون AI اسسٽنٽ جيمنائي اينڊرائيڊ آٽو ۾ متعارف في الحال محدود صارفين لاءِ

ڪيترن مهينن جي انتظار کانپوءِ گوگل آخرڪار پنهنجو جديد مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل اسسٽنٽ جيمنائي (Gemini) اينڊرائيڊ آٽو ۾ متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو في الحال صرف بيٽا ٽيسٽرز لاءِ دستياب آهي۔نئون فيچر ڪجهه گاڏين ۾ گوگل اسسٽنٽ جي جاءِ وٺي رهيو آهي، جتي اهو ڊرائيور لاءِ وڌيڪ هوشيار ۽ فطري ڳالهائيندڙ ساٿي ثابت ٿيندو۔ صارفين موجب، اينڊرائيڊ آٽو جي ورزن 15.6 ۽ 15.7 ۾ جيمنائي جو آپشن ظاهر ٿي رهيو آهي۔جيمنائي 40 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ، صارف جون عادتون ياد رکڻ ۽ گفتگو جو سيـاق ۽ سباق سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ ان جي ذريعي ڊرائيور گوگل ميپس، يوٽيوب ميوزڪ، اسپوٽي فائي، ۽ جي ميل تائين بغير فون هٿ ۾ کنيا رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا۔”جيمنائي لائيو“ نالي نئون فيچر به شامل آهي، جنهن سان صارف صرف “Hey Google, let’s talk” چئي ٻه طرفي ڳالهه شروع ڪري سگهن ٿا۔ آٽو ورزن ۾ ڳالهه ٻولهه مختصر رکڻ جو مقصد ڊرائيور جي توجهه روڊ تي برقرار رکڻ آهي۔گوگل موجب، هن وقت دنيا ۾ 25 ڪروڙ کان وڌيڪ گاڏيون اينڊرائيڊ آٽو کي سپورٽ ڪن ٿيون، تنهن ڪري جيمنائي جو شامل ٿيڻ ڪمپني جي سڀ کان وڏي AI اپڊيٽس مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي۔ جلد ئي هي فيچر عام صارفين لاءِ پڻ جاري ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو