سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي آئيني عدالت بابت جسٹس منصور علي شاهه جا دلچسپ رمارڪس، ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقي واري درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ دوران سماعت، جسٹس منصور علي شاهه وفاقي آئيني عدالت بابت دلچسپ رمارڪس ڏنا، جنهن تي عدالت جي ڪمري ۾ قهقها گونجيا.تفصيل موجب، سپريم ڪورٽ ۾ محڪمه لائيو اسٽاڪ پنجاب سان لاڳاپيل ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقي واري درخواست جي سماعت ٿي.جسٹس منصور علي شاهه ۽ جسٹس عقيلي عباسي تي مشتمل ٻه رکني بنچ سماعت ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي موڪل کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ جونيئر آفيسرن کي ترقي ڏني وئي آهي.ان دوران، جسٹس منصور علي شاهه وفاقي آئيني عدالت بابت دلچسپ انداز ۾ رمارڪس ڏنا:“دستاويز ڏيکاريو جونيئرز کي ترقي ڏني وئي ۽ توهان جي موڪل کي نظرانداز ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪو تمام ڏکيو سوال آهي ته اسان وفاقي آئيني عدالت موڪلي ڏينداسين، اسان ته هتي به ائين ئي بيچارڙا آهيون.انهن رمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ قهقها گونجيا، جڏهن ته وڪيل ۽ حاضرين کي صورتحال تي ٿورو حيرت ۽ خوشي محسوس ٿي.آخر ۾، سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت فيصلو ڪيو ته موجوده دستاويزن ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڊاڪٽر اعظم علي جي ترقي منظور نه ٿي سگهي.

پنھنجي راءِ لکو