ڪراچي ۾ ويهنهين ورلڊ بڪ فيئر 18 ڊسمبر کان پنج لک ڪتابن جا شوقين متوقع

ڪراچي ۾ عالمي ڪتابن جو ميلاپ 18 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿيندو ۽ 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو ميلا ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ لڳايو ويندو، جتي تقريباً 300 اسٽال قائم ڪيا ويندا.شائقين جو تعداد ميلي ۾ تقريباً پنج لک ڪتابن جا شوقين شرڪت جي اميد رکن ٿا.مکيه شخصيتون ۽ پريس ڪانفرنس:ڪراچي پريس ڪلب ۾ فيئر بابت پريس ڪانفرنس ٿي.چئيرمين پاڪستان بڪ سيلرز ايسوسيئيشن ڪمراڻ نوراني چيو ته ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر پاڪستان جي علمي ۽ ثقافتي منظرنامي جو اهم ۽ روايتي ايونٽ بڻجي چڪو آهي، جيڪو پڙهندڙن، ليکڪ ۽ اداري کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿو.تنظيم ۽ اسپيس جي ڄاڻ:سڪريٽري جنرل پي پي بي اي وقار متين خان چيو ته ايگزيبيشن اسپيس جو 85٪ حصو اڳ ۾ ئي بڪ ٿي چڪو آهي ۽ هن سال پنج لک کان وڌيڪ علم ۽ ادب جا شوقين شرڪت ڪندا. وزيراعليٰ سنڌ کي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.سرڪاري ادارن جي حمايت:وائس چئيرمين پي پي بي اي نديم مظهر چيوتهنيشنل بڪ فائونڊيشن ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ميلي جي مڪمل حمايت ڪري رهيا آهن.چئيرمين اردو بازار ٽريڊرز ايسوسيئيشن ساجد يوسف چيو ته اردو بازار جا ڪتاب وڪرو ڪندڙ ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا ۽ پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪس سيلرز ايسوسيئيشن سان گڏيل هم آهنگي قائم رکندڙ.

پنھنجي راءِ لکو