سينيٽ مان ٻه ٽهائي اڪثريت سان منظور ٿيل ستاويهون آئيني ترميم جو بِل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو۔تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح يارهنين وڳي شروع ٿيندو، جنهن ۾ سينيٽ مان منظور ٿيل آئيني ترميم جو بِل پيش ڪيو ويندو۔ اجلاس لاءِ يارهن نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بِل کي منظوري لاءِ وفاقي وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ پيش ڪندو۔گذريل ڏينهن سينيٽ ستاويهون آئيني ترميم کي ٻه ٽهائي اڪثريت سان منظور ڪيو هو۔ ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ آيا جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه پيو، پر مخالف ڌر جي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو۔حتمي ووٽنگ کان اڳ آئيني ترميم جي 59 شقن جي منظوري ميمبرن کي کڙا ٿي ووٽ ڏيڻ سان ڏني وئي۔ حڪومت کي بِل جي منظوري لاءِ ٻه ووٽ گهٽ پيا ته مخالف ڌر جي ٻن ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو۔اڄ قومي اسيمبلي ۾ بِل تي بحث ۽ حتمي ووٽنگ ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن بعد بِل صدرِ مملڪت کي دستخط لاءِ موڪليو ويندو۔
