فاروق ايچ نائڪ سيف الله ابڙو چيو ته هن فِيلڊ مارشل جي ڪري ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ سابِق چيئرمين سينيٽ فاروق ايچ نائڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ستاويهون آئيني ترميم جو بِل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيو ته اهو ٻه ٽهائي اڪثريت سان منظور ٿي ويندو۔ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايچ نائڪ چيو ته سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري قائمہ ڪاميٽي جي چيئرمين طور هو سمجهي ٿو ته آئيني بينچز جو قيام تنقيد جي باوجود آئيني بالادستي لاءِ ضروري قدم هو۔فاروق ايچ نائڪ موجب پي ٽي آئي جي سينيٽر سيف الله ابڙو ايوان ۾ واضح طور چيو ته هن فِيلڊ مارشل جي ڪري ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، ڪنهن دٻاءَ هيٺ نه۔هن وڌيڪ چيو ته صدرِ مملڪت رياست جا آهن، حڪومت جا نه، جڏهن ته وزيراعظم تاحيات استثنا نه وٺي سٺو ۽ آئيني فيصلو ڪيو۔پيپلز پارٽي جي سينيٽر ٻڌايو ته شِق وار منظوري دوران اپوزيشن سينيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته بهتر اهو هو جو اهي ايوان ۾ رهي ترميم جي مخالفت ۾ ووٽ ڏين۔فاروق ايچ نائڪ وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي بلدياتي بل تي ڪاميٽي جي ميمبرن کي تحفظات هئا، پر حڪومت ڳالهين وسيلي اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ياد رهي ته ستاويهون آئيني ترميم بِل سينيٽ مان منظور ٿيڻ بعد اڄ قومي اسيمبلي ۾ آخري ووٽنگ لاءِ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي۔

پنھنجي راءِ لکو