ميرپورخاص ۾ 8 ساله ٻارڙي آمنه سان زيادتي بعد قتل بوري ۾ بند لاش هٿ ڊرپ سيٽ جي نلڪي سان ڳلو گهُٽيو ويو

سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي 8 ساله ٻارڙي آمنه سان زيادتي بعد کيس بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو۔تفصيل موجب، جھلوري علائقي مان گذريل ڏينهن آمنه جي بوري ۾ بند لاش هٿ آئي پوليس مطابق ابتدائي جاچ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته ٻارڙي سان زيادتي ڪرڻ بعد ڊرپ سيٽ جي نلڪي سان سندس ڳلو گهُٽيو ويو۔پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمنه جي جسم تي تشدد ۽ زخم جا واضح نشان هئا، جڏهن ته ڳچيءَ جي عضلتن تي به نيلا ۽ زخم جا نشان ڏٺا ويا۔ رپورٽ موجب ٻارڙي جو معدو خالي هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن مرڻ کان اڳ ڪجهه نه کاڌو هو۔پوليس اختيارين واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدار يا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔هي المناڪ واقعو ٻيهر معاشري ۾ ٻارن جي تحفظ بابت سنجيده سوال اٿاري ٿو۔ اختيارين پاران شهريّن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ڪنهن به مشڪوڪ حرڪت يا اهڙي واقعي جي فوري اطلاع پوليس کي ڏين ته جيئن ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو