گمبٽ ساؤتھ پلانٽ جي پيداوار وڌي وئي مقامي گئس پيداوار ۾ بهتري

پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) گمبٽ ساؤتھ گئس پروسيسنگ پلانٽ جي پيداوار وڌائي ڇڏي آهي. ڪمپني موجب سانگهڙ جي گمبٽ ساؤتھ بلاڪ ۾ جي پي ايف ٽو پلانٽ هاڻي روزانو 60 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پروسيس ڪرڻ جي قابل ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2016 ۾ هن جي صلاحيت 50 ايم ايم سي ايف ڊي هئي.پي پي ايل ايمين سوئيٽنگ پروسيس ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پيداوار ۾ واڌ ڪئي آهي. هن اقدام جي نتيجي ۾ روزانو 5 ايم ايم سي ايف ڊي گئس، 35 بيرل ڪنڊينسٽيٽ ۽ هڪ ميٽرڪ ٽن ايل پي جي پيداوار وڌي وئي آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي سنگ ميل گهٽ ۾ گهٽ لاڳت سان حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي آپريشنل ايڪسيلنس ۽ وسيلن جي وڌيڪ استعمال جي علامت قرار ڏنو ويو آهي. پي پي ايل اسٽاڪ ايڪسچينج کي به هن معاملي ۾ آگاهه ڪيو آهي.مقامي هائيڊرو ڪاربان پيداوار ۾ هي اضافو ملڪ لاءِ توانائي جي ضرورتن جي نقطه نظر کان خوش آئند آهي

پنھنجي راءِ لکو