اسلام آباد ڪچهري ڌماڪي ۽ وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي جي مذمت قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع

اسلام آباد ڪچهري ڌماڪي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي دهشتگرد حملي خلاف مذمتي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي۔هي قرارداد مسلم ليگ (ن) جي ميمبر صوبائي اسيمبلي حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرائي وئي۔قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ايون اسلام آباد ڪچهري ۽ وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي ٿيل دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو۔قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردن وانا ۾ معصوم شاگردن کي نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پر پاڪ فوج جي بروقت ۽ پروفيشنل آپريشن سبب سڀئي شاگرد ۽ استادن کي بحفاظت ريسڪيو ڪيو ويو، جنهن تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو۔قرارداد ۾ چيو ويو ته ڀارتي پراڪسيز ۽ افغان عبوري حڪومت دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن، جيڪي ناقابلِ ترديد ثبوتن سان ظاهر آهي۔پاڪستان دوست ملڪن جي چوڻ تي افغانستان سان خلوص نيت سان ڳالهين ڪئي، پر افغان طالبان حڪومت ڀارت جي پراڪسي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي اتفاقِ راءِ پيدا ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو