جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ٿيل خودڪش ڌماڪي جو مقدمو دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي۔تفصيلموجب وفاقي پوليس نامعلوم ماڻهن خلاف ٿاڻو سي ٽي ڊي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ مقدمو داخل ڪيو، جنهن۾دهشتگردي ايڪٽ، ڌماڪيدار مواد جو قانون، قتل ۽ اقدامِ قتل جون دفعات شامل آهن۔ذرائع مطابق ڌماڪيسبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جڏهن ته پوليس واقعي جي تحقيقات ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔ٻئيپاسي، راولپنڊي جوڊيشل ڪمپليڪس، ضلعي ڪچهري ۽ عدالتن جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي وئي آهي۔سيڪيورٽي ذريعن موجب پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کي خصوصي حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ عدالتن جي چوڌاري چيڪنگ سخت ڪئي وئي آهي، ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن ۽ سامان تي به خاص نظر رکي پئي وڃي۔ان سان گڏ، پارڪنگ ايرياز جي نگراني به وڌائي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به ممڪن خطري کي وقت سر روڪي سگهجي۔
