رينجرز ۽ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (CTD) شیرشاه جي علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي فتنہ الخوارج سان تعلق رکندڙ انتهائي مطلوب محمد نور عرف خم کي گرفتار ڪيو.ترجمان رينجرز موجب گرفتار ملزم جي قبضه مان هٿيار ۽ ايمونیشن برآمد ٿي. تفتیش دوران ملزم اعتراف ڪيو ته هو ٽارگيٽ ڪلنگ، ٻهتہ وصولي، بم ڌماڪا ۽ اغوا براءِ تاوان ۾ ملوث رهيو آهي.ملزم 2010 ۾ دہشتگرد قيوم محسود جي گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ 2012 ۾ عابد مڇڙ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو حصو رهيو. ملزم جا ڪيترائي ساٿي ڪراچي آپريشن دوران رينجرز ۽ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا يا گرفتار ٿي چڪا آهن۔2015 ۾ ڪراچي آپريشن دوران گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ملزم پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ روپوش رهيو.ترجمان موجب ملزم خلاف ٿانهه منگهُو پير ۽ خواجه اجمير نگر ۾ ڪيترائي مقدما درج آهن ۽ وڌيڪ تحقيقات جاري آهن۔
