فرانس جا ماھيگيرن جا جال يوڪرين جو نئون هٿيار بڻيا روسي ڊرونز خلاف حيران ڪن دفاعي حڪمت عملي

يوڪرين روسي ڊرونز جي خلاف هڪ انوکي پر اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي هاڻي هو فرانس جي ماھيگيري لاءِ استعمال ٿيندڙ جالن سان ڊرونز کي پڪڙي رهيو آهي۔تفصيل موجب فرانس جا اهي عام ماھيگيري جا جال، جيڪي اڳ مڇيون پڪڙڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا، هاڻي يوڪرين جي آسمان ۾ روسي ڊرونز جو شڪار ڪري رهيا آهن۔
برطانوي خيراتي اداري “ڪرنك سوليڊيريٽيز” فرانس مان اهڙن جالن جون ٻه وڏيون کِيپون يوڪرين موڪليون آهن، جن جي گڏيل ڊگھائي 280 ڪلوميٽر آهي۔گارڊين جي رپورٽ موجب اهي جال هاڻي محاذ جنگ تي فوجين ۽ شهرين کي ڊرون حملن کان بچائڻ لاءِ هڪ غير متوقع پر مؤثر دفاعي اوزار بڻجي ويا آهن۔روسي ڊرونز، جيڪي عام طور تي سستا ۽ ڌماڪيدار مواد سان ڀريل هوندا آهن، 25 ڪلوميٽر تائين مار ڪري سگهن ٿا۔يوڪرين جي فوج اهي جال استعمال ڪندي سرنگ نما حفاظتي ڍانچا ٺاهي رهي آهي، جن ۾ ڊرون جا پر الجهي وڃن ٿا ۽ پرواز جو نظام ناڪام ٿي وڃي ٿو۔اداري جي لاجسٽڪ سربراه ڪرسچين ابازيو موجب اهي جال گهوڙن جي بالن مان ٺهيل آهن ۽ اڳ مڇيون پڪڙڻ لاءِاستعمال ٿيندا هئا، پر هاڻي اهي جنگي حالتن ۾ به ڊرونز جي طاقت کي برداشت ڪري سگهن ٿا۔شروعات ۾ اهي جال طبي ڪيمپن جي حفاظت لاءِ لڳايا ويا، پر هاڻي اسپتالن، پلن ۽ روڊن تي به نصب ڪيا پيا وڃن۔يوڪرين جي 93هين بريگيڊ جي رابطا آفيسر ايرينا ريباڪوا ٻڌايو ته دونيتسڪ جي علائقي ۾ هر هنڌ اهڙا جالي دار حفاظتي نظام ٺاهيا پيا وڃن۔هن چيو ته روسي ڊرون آپريٽر نون طريقن سان جالن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر اهي جال اڃا تائين حفاظت لاءِ تمام اثرائتا ثابت ٿي رهيا آهن۔ساڳئي وقت سويڊن ۽ ڊنمارڪ جا ماھيگير به پراڻا جال يوڪرين کي عطيو ڪري رهيا آهن ته جيئن هي نظام وڌيڪ وسيع بڻائي سگهجي۔ياد رهي ته جولاءِ 2025 تائين يوڪرين روزانو 500 کان وڌيڪ روسي ڊرون حملن کي منهن ڏئي رهيو هو۔

پنھنجي راءِ لکو