مصنوعي ذهانت جا چيٽ بوٽ صحت لاءِ خطرو بڻجي ويا نئين تحقيق جو انڪشاف

دنيا ۾ مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل چيٽ بوٽس جي استعمال ۽ انهن جي ڏنل مشورن تي عمل ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي۔اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۽ سينٽر فار ڊيموڪريسي اينڊ ٽيڪنالاجي (CDT) جي نئين تحقيق موجب چيٽ بوٽس، جن ۾ ChatGPT ۽ Gemini به شامل آهن، صحت بابت نقصانڪار مشورا ڏيڻ لڳا آهن۔تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو ته اهي چيٽ بوٽس ڪمزور استعمال ڪندڙن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ ڪجهه حالتن ۾ نقصانڪار روين کي همٿائي رهيا آهن۔ مثال طور، جيمنائي وزن گهٽ ٿيڻ کي لڪائڻ لاءِ ميڪ اپ جا طريقا ٻڌايا جڏهن ته چيٽ جي پي ٽي بلوميا (Bulimia) وارن لاءِ قئي لڪائڻ جون صلاحون ڏنيون۔ماهرن چيو ته هي رڳو ٽيڪنيڪل غلطي نه پر هڪ عوامي صحت جو سنجيده مسئلو آهي۔ اهڙا مشورا بظاہر مددگار لڳن ٿا پر حقيقت ۾ جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ خطرناڪ آهن۔تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته AI ماڊلز ڪڏهن ڪڏهن اهو تاثر ڏين ٿا ته کاڌي سان لاڳاپيل بيماريون رڳو ڪمزور عورتن کي ٿين ٿيون، جڏهن ته مرد ۽ وڏي جسامت وارا ماڻهو به متاثر ٿين ٿا۔محققن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن AI سسٽم کي بنا نگراني صحت لاءِ استعمال ڪيو ويو ته اهو لکين ماڻهن جي ذهني ۽ جسمي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو