نارٿ ناظم آباد ۾ افسوسناڪ حادثو، فوڊ ڊليوري رائيڊر ٽرڪ هيٺ اچي فوت

نارٿ ناظم آباد لنڊي ڪوتل چوڪن جي ويجهو هڪ دل ڏکائيندڙ حادثي ۾ آن لائين فوڊ ڊليوري رائيڊر جان وڃائي ويٺو۔تفصيل موجب 20 سالن جو رائيڊر بابر تیز رفتار ڪار جي ٽڪر بعد روڊ تي ڪري پيو، جنهن مهل پٺيان ايندڙ ٽرڪ هنکي چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔حادثي کان پوءِ ڪار سوار فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس سرئي سان ڀريل ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڇڏيو۔حادثي ۾ هڪ رڪشا کي به نقصان پهتو۔پوليس ۽ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار سوار جي تلاش جاري آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو