آمريڪا پاران ايران جي ميزائل ۽ ڊرون پروگرام سان لاڳاپيل 32 فردن ۽ ادارن تي پابنديون

آمريڪا ايران جي ميزائل ۽ ڊرون پروگرام سان لاڳاپيل 32 فردن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن۔بين الاقوامي خـبر موجب، اهي فرد ۽ ادارا ايران جي بيليسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي تياري ۾ مددگار آهن، جن کي هاڻيآمريڪي پابندين جو سامنا ڪرڻو پوندو۔آمريڪي محکمه خزانه جو چوڻ آهي ته ايران جو هي نيٽ ورڪ مشرقِ وسطيٰ ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحـادين لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي۔ٻئي پاسي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس جون ٻه وڏي آئل ڪمپنيون به پابندين جي فهرست ۾ شامل ڪيون هيون ۽ چيو هو ته اهي پابنديون صدر ولاديمير پييوٽن کي محتاط رويي تي مجبور ڪنديون۔ٽرمپ چيو هو: “روس تي پابنديون اصل ۾ اهو اشارو آهن ته آمريڪا اڳتي ڇا ڪرڻ وارو آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ هي وقت پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ مناسب آهي۔”هن وڌيڪ چيو ته پييوٽن سان ڳالهه ٻولهه هميشه مثبت ٿيندي آهي پر نتيجي تي نه پهچندي، تنهنڪري مون ملاقات منسوخ ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ⁠تہ اها مناسب نه لڳي۔ساڳئي وقت اتر ڪوريا به آمريڪي پابندين جي جواب ۾ سخت ردِعمل جو اعلان ڪيو آهي۔


پنھنجي راءِ لکو