ٽن ڏينهن جاري رهندڙ “حج ايڪسپو 2025” شاندار نموني سان پورو ٿي ويو، جنهن دوران پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن وچ نوان عالمي معاهدا طئي ٿيا۔تفصيل موجب نمائش جده سپر ڊوم ۾ سعودي وزارتِ حج ۽ عمره ۽ پلگرم ايڪسپيرينس پروگرام جي تعاون سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، ماهر ۽ نجي ادارا شرڪت ڪئي۔ايڪسپو ۾ جديد ٽيڪنالاجيون جهڙوڪ ڊجيٽل سسٽم، ڊرون، روبوٽڪ سهولتون ۽ ايپليڪيشنون پيش ڪيون ويون، جيڪي حاجين جي سهولت لاءِ تيار ڪيون ويون آهن۔نمائش جو نعرو “مڪه کان دنيا تائين” رکيو ويو، جيڪو حج انتظامن ۾ جدت ۽ عالمي تعاون جي علامت آهي۔ماهرن مصنوعي ذهانت، ڊيٽا مانيٽرنگ ۽ اسمارٽ سسٽمن ذريعي حج جي انتظامن کي وڌيڪ منظم ۽ اثرائتو بڻائڻ جا منصوبا پيش ڪيا۔ان موقعي تي ڪنگ عبدالعزيز فائونڊيشن طرفان حج جي تاريخ ۽ ثقافت بابت خاص فورم پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف دورن جي حج سفرن جون جھلڪيون ڏيکاريو ويون۔نمائش دوران ٿيل معاهدن جو مقصد ايندڙ حج سيزن کي وڌيڪ جديد، منظم ۽ عالمي معيار مطابق بڻائڻ آهي۔
