جے يو آءِ (ف) سينيٽر احمد خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد جمعيت علماء اسلام (ف) پارٽي ڊسپلن جي خلاف ورزي ڪندڙ سينيٽر احمد خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔سينيٽر ڪامران مرتضیٰ ٻڌايو ته پارٽي منحرف رڪن احمد خان کان استعيفو طلب ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن هو استعيفو نه ڏين ته انهن خلاف آرٽيڪل 63 اي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ڪامران مرتضیٰ چيو، “مان پارٽي ڊسپلن جو پابند آهيان، پنهنجي مرضي سان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان۔”سربراه مولانا فضل الرحمان جي ن واپسي بعد حتمي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي ۽ منحرف رڪن خلاف ڪارروائي شروع ٿيندي۔واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ جے يو آءِ (ف) جي احمد خان مبينه طور تي پارٽي ڊسپلن جي خلاف 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو۔ڪامران مرتضیٰ وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪو رڪن استعيفو ڏئي، ته ان کي ايوان ۾ نه اچڻ گهرجي، استعيفو مقدس عمل آهي ۽ چيئرمين سينيٽ کي ان جي حرمت برقرار رکڻي گهرجي۔هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ جلدي ۽ لاپرواهي ڪئي وئي، آرٽيڪل 6 ۽ چيف جسٽس جي معاملي ۾ غلطيون ظاهر ٿي چڪيون آهن۔
حڪومت بنا مشاورت ترميم ڪري اسان کي ڪميٽمينٽ کان آزاد ڪيو آهي، هاڻي جهموري دفاع جي ذميواري ڪنهن تي نه رهي۔

پنھنجي راءِ لکو