سعودي عرب ۾ جمعي کان سومر تائين برسات جو امڪان ملڪ ڀر ۾ نمازِ استسقاء ادا

سعودي عرب جي قومي مرڪزِ موسميات جي ترجمان حسين القحطاني موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جمعي کان سومر تائين وچولي کان تيز برسات ٿيڻ جو امڪان آهي۔سعودي خبر ايجنسي موجب ترجمان پنهنجي سرڪاري اڪائونٽ تي ٻڌايو ته ڪيترائي علائقا ايندڙ ڏينهن ۾ برساتن کان متاثر ٿي سگهن ٿا۔حسين القحطاني عوام کي صلاح ڏني ته لاڳاپيل ادارن جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ۽ موسم بابت نون اعلانن لاءِ قومي موسميات مرڪز سان رابطو رکيو وڃي۔واضح رهي ته خشڪ سالي جي خاتمي ۽ بارانِ رحمت جي دعا لاءِ اڄ ملڪ ڀر ۾ نمازِ استسقاء ادا ڪئي وئي۔خادمِ حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي حڪم تي سعودي شهري ۽ ملڪ ۾ رهندڙ مسلمان نماز ۽ دعائن ۾شريڪ ٿيا۔ملڪ جي 12 هزار کان وڌيڪ مسجدن ۾ خاص اجتماع ٿيا، جتي لکين ماڻهن بارش لاءِ دعا گهري۔مڪي جي مسجد الحرام ۽ مديني جي مسجد نبويؐ ۾ سڀ کان وڏا اجتماع ٿيا، جتي لکين مسلمان گڏجي بارانِ رحمت لاءِ دعا ۾ مصروف رهيا۔

پنھنجي راءِ لکو