سنڌ جو وفاق کان چانورن جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جو مطالبو

صوبي سنڌ وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته جيئن گهڙم وانگر چانورن (ڌان) جي به امدادي قيمت مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ڪسانن کي سندن محنت جو جائز معاوضو ملي سگهي۔تفصيل موجب سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته چانورن جي قيمت طئي ڪرڻ لاءِ واضح ميڪينزم تيار ڪيو وڃي، جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي سڀ زرعي سبسڊيون بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ڏنيون وينديون۔صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مھر چيو ته چانورن جي آبادگارن جي مشڪلاتن کان سنڌ حڪومت واقف آهي، پر ڌان جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ وفاق جو اختيار آهي، وفاق کي گهرجي ته فوري طور تي قيمت جو اعلان ڪري ته جيئن سنڌ جا هاري رليف حاصل ڪري سگهن۔وزير ٻڌايو ته ضلعي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي هارين جي شڪايتن جو ازالو ڪندي ۽ آڙھتين خلاف ڪارروائي ڪنديون، انهن ڪميٽين جا سربراهه اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مارڪيٽ ڪميٽين جا سيڪريٽريز هوندا۔هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته جيئن گندم جي هارين وانگر چانورن جا هاري به سبسڊي حاصل ڪن، جنهن سان پيداوار جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ منافعو وڌي سگهي۔سردار محمد بخش مھر موجب سڀ زرعي سبسڊيون هاڻي هاري ڪارڊ ذريعي ڏنيون وينديون ۽ ان لاءِ شفاف نظام تيار ڪيو پيو وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومتون، وفاق ۽ آءِ ايم ايف جي پاليسين تحت ڪنهن به فصل جي قيمت پاڻ مقرر نه ٿي ڪري سگهن، تنهن ڪري وفاق کي گهرجي ته صوبن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي زراعت لاءِ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تيار ڪري۔

پنھنجي راءِ لکو