صوبائي داخلا کاتي پنجاب ميونيل اسلحہ لائسنس سان تعلق رکندڙ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي۔ نوٽيفڪيشن موجب انفرادي، اداري ۽ سيڪيورٽي ڪمپني جي اسلحہ لائسنس جي ٻيهر تصديق يا ڪمپيوٽرائيزيشن جو عمل فوري طور تي روڪيو ويو آهي۔حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته پراڻا ميونيل اسلحہ لائسنس رکڻ وارن شهري ۽ ادارن کي اڳ ۾ ئي ڪمپيوٽرائيزڊ لائسنس ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو ويو، پر ان عمل سان تعلق رکندڙ سڀئي پراڻيون هدايتون هاڻي منسوخ ڪيون ويون آهن۔صوبائي داخلا کاتي ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ايڊیشنل سيڪريٽريز (جوڊيشل) کان مارچ کان نومبر تائين ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيل سڀني اسلحہ لائسنس جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي غير قانوني اسلحہ جي وصولي ۽ ڊي ويپنائزيشڻ مهم جي پيش رفت بابت به رپورٽون طلب ڪيون ويون آهن۔سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 13 نومبر جي شام تائين جامع رپورٽون جمع ڪرايون، جن ۾ مارچ کان نومبر تائين موصول ٿيل درخواستون ۽ جاري ڪيل لائسنس جو ڊيٽا شامل هجي۔ ميونيل اسلحہ لائسنس جي ڪمپيوٽرائيزيشن جو عمل 2016 ۾ شروع ٿيو هو ۽ آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2020 مقرر ڪئي وئي هئي۔
