مدينه منوره پائيدار ترقي جي ميدان ۾ عالمي سطح تي هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪيو ۽ شنگھائي گلوبل ايوارڊ براءِ پائيدار ترقي جي ٽئين ايڊيشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔ سعودي پريس ايجنسي موجب، هي ايوارڊ مدينه جي شهري اختراع، پائيداري ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ نمايان ڪارڪردگي جي اعتراف آهي۔ايوارڊ ظاهر ڪري ٿو ته مدينه منوره شهري ترقي لاءِ هڪ متوازن ۽ جامع قومي ماڊل اپنائيندي، جنهن ۾ شهرين جي ضرورتن ۽ زندگي جي معيار کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي۔ هي ماڊل ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل آهي۔مدينه منوره جي ميئر فهد بن محمد البليہشي موجب، شهر دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي چڪو آهي، جتي پائيدار ترقي جا مقصد مقامي سطح تي عملي صورت اختيار ڪري رهيا آهن۔ شهرين جي سهولت لاءِ اهم منصوبن ۾ اربن ڊيٽاپليٽفارم’’منارا‘پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم ’’مدينه بسز‘‘ ۽ وادي العقيق ماحولياتي بحالي منصوبو شامل آهن۔واضحهيتهشنگھائي گلوبل ايوارڊ انهن شهرن کي ڏنو ويندو آهي جيڪي پائيدار ترقي جي مقصدن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا۔ ٽئين ايڊيشن ۾ 33 ملڪن جي 58 شهرن حصو ورتو ۽ نتيجا کولمبيا جي دارالحڪومت بوگوٽا ۾ منعقد تقريب ۾ اعلان ڪيا ويا۔
