سرگودها موٽروي تي لاهور کان اسلام آباد ويندڙ مسافر بس دهشتناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ ٽن ڄڻن جان وڃائي ڇڏي ۽ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا۔تفصيل موجب، تحصيل ڀيره جي ويجهو تيز رفتار بس بي قابو ٿي ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس جو ڊرائيور، هڪ هوسٽس ۽ هڪ عورت موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهنتہ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا، جن ۾ ٻه عورتون به شامل آهن۔ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي فوري طور ٽي ايڇ ڪيو اسپتال ڀيره منتقل ڪيو ويو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي۔پوليس موجب حادثو مبينه طور ڊرائيور جي سفر دوران اوندهه اچي وڃڻ سبب پيش آيو۔ پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
