بنوں لڪي باونڊري تي پوليس ۽ عوام جي گڏيل آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

پوليس ۽ شهرين لڪي باونڊري تي آپريشن ڪندي 5 دهشتگردن کي ماريو.ڊي آءِ جي بنوں ريجن سجاد خان آپريشن جي قيادت ڪئي ۽ ٻڌايو ته بنوں ريجن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن.سجاد خان چيو ته عوام پڻ هن آپريشن ۾ پوليس سان گڏ شريڪ هئا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هي اتحاد اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ عوامي طاقت سان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.ان کان اڳ، لڪي مروت ۽ بنوں جي سرحدي علائقي شيخ لنڊڪ ۾ مقامي قبيلن ۽ دهشتگردن وچ ۾ ڇُڙپ ٿي، جنهن ۾ پوليس ۽ قبيلن جي فائرنگ سان 4 مبينه دهشتگرد مارجي ويا.ٽِن ڏينهن اڳ سي ٽي ڊي بنوں انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي فتنہ الخوارج جا تمام گهڻا مطلوبه 2 ٽارگيٽ ڪلرز ماريا، جڏهن ته دهشتگردن جا ٻيا 2 ساٿي فرار ٿيويا.ماريل دهشتگردن جي سڃاڻپ فضل الله عرف فيض الله ۽ سفير الرحمان جي نالن سان ٿي، جيڪي پوليس تي حملي ۽ دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.آپريشن دوران ڪلاشنيڪوف، پسٽول، هينڊ گرينڊ، موبائل فون ۽ ڪالعدم تنظيم جو ڪارڊ پڻ هٿ آيو.

پنھنجي راءِ لکو