سويدا ۾ دروز قبيلن ۽ شامي سرڪاري فوج ۾ ٻيهر جهيڙن جي شروعات

ي چيني پيدا ڪري رهيون آهن۔ هن دعويٰ ڪئي ته انهن جي مليشيا سرڪاري فورسز جو حملو ناڪام بڻائيندي کين جاني نقصان پهچايو۔شامي حڪومت طرفان هن سلسلي ۾ اڃا تائين ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي صنعتي علائقي ۾ زور دار ڌماڪن کان پوءِ باهه ڀڙڪڻ جا اطلاع به مليا آهن، پر وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن۔ياد رهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو اعلان ڪيو هو ته هو شام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا۔ اهو بيان هن احمد الشرع سان ملاقات کان پوءِ ڏنو، جيڪو ماضي ۾ القاعده جو ڪمانڊر رهي چڪو آهي ۽ جنهن تي اڳ واشنگٽن غير ملڪي دهشتگرد هجڻ جا الزام لڳائي پابنديون لڳايون هيون۔شامي صدر سان ملاقات کان پوءِ ٽرمپ چيو ته انهن کي شامي صدر پسند آيو آهي ۽ مشرق وسطیٰ ۾ استحڪام لاءِ شام جي ڪاميابي ضروري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو