سنڌ جي شهر شڪارپور کان بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽه ويندڙ گئس پائپ لائين مچ جي ويجهو تباهه ٿي وئي۔ سوئي سدھن گئس ڪمپني جي عملدارن واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته 18 انچ قطر واري پائپ لائين متاثر ٿيڻ بعد ڪوئيٽه ڏانهن گئس جي فراهمي بند ٿي وئي آهي۔حڪام موجب پائپ لائين متاثر ٿيڻ سبب مستونگ، پشين ۽ زيارت ڏانهن پڻ گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي۔ مرمت مڪمل ٿيڻ تائين ڪوئيٽه کي صرف کائڻ جي وقتن ۾ گئس ڏني ويندي۔هاڻي تائين اهو واضح ناهي ته واقعو دهشتگردي جو نتيجو آهي يا پائپ لائين ليڪ ٿيڻ سبب تباهه ٿي، اصل سبب جاچ بعد سامهون ايندو۔گذريل مهينن دوران پڻ گئس پائپ لائينن کي بار بار دهشتگردي ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي۔ياد رهي ته 13 آگسٽ 2025 تي خيبر پختونخوا جي لڪي مروت ضلعي ۾ شرپسندن پائپ لائين کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو هو۔ پوليس موجب نامعلوم ماڻهن ڀانہ منجي والا جي حدن ۾ ڌماڪو خيز مواد نصب ڪيو هو۔ان کان اڳ 16 جولاءِ 2025 تي لڪي مروت جي علائقي وانڍه امير ڀرسان پنجاب ويندڙ مين ٽرانسميشن گئس پائپ لائين کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو ويو، جنهن سبب وڏو کوهه ٿي پيو ۽ پنجاب ڏانهن گئس جي فراهمي بند ٿي وئي۔
