لاهور هائي ڪورٽ ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عدالت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ترميم کي فوري طور معطل ڪري ڪالعدم قرار ڏنو وڃي۔تفصيل موجب ايڊووڪيٽ اظهر صديق طرفان لاهور هائي ڪورٽ ۾ ستاويهون آئيني ترميم خلاف درخواست جمع ڪرايي وئي۔ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نئين ترميم آئين جي بُنيادي ڍانچي سان ٽڪراءُ ۾ آهي۔درخواست گذار جو چوڻ آهي ته ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ جو اختيار گهٽائي وفاقي آئيني عدالت کي بالادست بڻايو ويو آهي، جنهن سان سپريم ڪورٽ جي حيثيت ڪمزور ٿيڻ ۽ عدليه جي آزادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي۔درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ترميم جي نتيجي ۾ پاڪستان جي 60 سالن جي عدالتي تاريخ مسخ ٿي وئي آهي۔ درخواست گذار مطابق موجوده قومي اسيمبلي آئین ساز اسيمبلي ناهي، تنهن ڪري ان کي ايتري وڏي آئيني ترميم جو اختيار نه هئڻ گهرجي۔درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هي ترميمون اسلامي دفعات، عدالتي خودمختياري ۽ بنيادي حقن جي خلاف آهن۔ پارليامينٽ ۾ ترميم تي نه تفصيلي بحث ٿيو ۽ نه ئي شفاف قانون سازي جو طريقو اختيار ڪيو ويو۔درخواست گذار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وڪيل، سول سوسائٽي، صحافين ۽ ٻين طبقات کان به راءِ نه ورتي وئي، جنهن سبب ترميم آئيني ۽ جمهوري تقاضن جي خلاف آهي۔درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته 27هين آئيني ترميم کي فوري طور معطل ڪري ڪالعدم قرار ڏنو وڃي۔
