پاڪستان کي ASOCIO ڊيجيٽل سمٽ 2026 جي ميزباني ملي وئي عالمي سطح تي وڏي ڪاميابي

پاڪستان عالمي سطح تي هڪ ٻيو اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جيئن ملڪ کي پهريون ڀيرو ايشيا–اوشانيا انڊسٽري آرگنائيزيشن (ASOCIO) ڊيجيٽل سمٽ 2026 جي ميزباني ملي وئي آهي۔تفصيل موجب، پاڪستان ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ وڌيڪ اهم سنگِ ميل پار ڪيو آهي۔ SIFC جي حڪمت عملي ۽ وزارتِ آءِ ٽي جي ڪوششن سان ملڪ کي هن اهم عالمي تقريب جي ميزباني جو اعزاز مليو۔پاڪستان نومبر 2026 ۾ ٽي ڏينهن جاري رهندڙ ASOCIO ڊيجيٽل سمٽ جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ 24 کان وڌيڪ ملڪن جا وفد شرڪت ڪندا۔ ان سان گڏ هزار کان وڌيڪ آءِ ٽي ماهر، ٽيڪنالاجي اڳواڻ ۽ بين الاقوامي سيڙپڪار پڻ پاڪستان جو دورو ڪندا۔هي سمٽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، فِن ٽيڪ، مصنوعي ذهانت، اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ جديد آءِ ٽي موقعن بابت عالمي ۽ ملڪي ادارن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺندي۔هي عالمي اعزاز وزارتِ آءِ ٽي ۽ SIFC جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي۔ هن سال سيپٽمبر ۾ ASOCIO جي چيئرمين اسٽين سنگھ پاڪستان جو دورو ڪري ملڪ جي ڊجيٽل سڌارن ۽ انفراسٽرڪچر کي ساراهيو هو۔سمٽ ۾ آسٽريليا، چين، نيوزي لينڊ، ملائشيا، سنگاپور سميت ڪيترائي ايشيائي ۽ اوشانيائي ملڪ شرڪت ڪندا۔ ماهرن موجب، اهو قدم پاڪستان کي خطي جي نئين آءِ ٽي هب طور اُڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔پاڪستان لاءِ هي ترقي عالمي ٽيڪنالاجي دنيا ۾ هڪ وڏي سفارتي ۽ معاشي ڪاميابي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو