وفاقي آئينی عدالت جي نئين چيف جسٹس امين الدين خان عهدي سنڀالڻ کان پوءِ فوراً اهم فيصلو ڪندي عدالت ۾ رجسٽرار ۽ سيڪريٽري جي مقرري جو اعلان ڪيو آهي۔چيف جسٹس اڳوڻي ڊسٽريڪٽ اينڊ سيشن جج محمد حفيظ کي وفاقي آئينی عدالت جو رجسٽرار مقرر ڪيو آهي. ان سان گڏ مظھر ڀٽي کي سيڪريٽري ٽو چيف جسٹس مقرر ڪيو ويو، جيڪو آئينی نوعيت وارن معاملن، عدالتي نظم و نسق ۽ بينچز جي انتظام جي نگراني ڪندو.ٻنهي آفيسرن کي تجربوڪار سمجهيو وڃي ٿو، ۽ انهن جي مقرري عدالت جي انتظامي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ عدالتي ڪارروائين کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.گذريل ڏينهن جسٹس امين الدين خان وفاقي آئينی عدالت جي چيف جسٹس جو حلف ورتو، جيڪو صدر آصف زرداري طرفان ڏنو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، چيف جسٹس پاڪستان يحيٰ آفريدي، فیلڊ مارشل سيد عاصم منير، فوجي هوائي ۽ بحريه سربراهه ۽ ٻيا اعليٰ آفيسرن پڻ موجود هئا۔عدالت ۾ نئين انتظامي قدمن کي عدالتي نظم و نسق ۾ بهتري ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهم قدم طور ڏٺو پيو وڃي۔