وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي دوري دوران حملو ناڪام ڪندڙ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي بهادر جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته اهي جوان پوري قوم جا هيرو آهن۔تفصيل موجب محسن نقوي جي اچڻ تي آءِ جي ايف سي ڪي پي سائوٿ ميجر جنرل مھر عمر خان هن جو استقبال ڪيو۔ دوري دوران وزير داخلہ انهن آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي جن خوارجن جو حملو ناڪام ڪيو ۽ ڪيڊٽس ۽ استادن کي محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو۔ان موقعي تي کين حملو ناڪام ڪرڻ ۽ ريسڪيو آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ وزير داخلا ڪيڊٽس ۽ استادن جي حوصلي، جذبي ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي۔محسن نقوي چيو ته “اهي اصل ۾ دهشتگرد نه پر درندا آهن جنجوانسانيت سان ڪو تعلق ناهي۔ ڪو به مذهب ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، انهن کي انسان چوڻبهانسانيت جي توهين آهي۔”هن چيو ته دشمن سانحو اي پي ايس جهڙو حملو ڪرڻ چاهيو ٿي، پر پاڪ فوج ۽ ايف سي جي دلير جوانن خوارجن کي انجام تائين پهچائي سازش ناڪام بڻائي۔محسن نقوي اعلان ڪيو ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي بهترين نموني سان مرمت ۽ تزئين آرائش ڪئي ويندي ته جيئن شاگردن کي محفوظ ۽ معياري سهولتون ملي سگهن۔آخر ۾ وزير داخلا چيو ته سڀ شاگرد ۽ استاد محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪندڙ آفيسر ۽ جوان واقعي قوم جا هيرو آهن۔
