يوڪرِين جي گادي واري شهر ڪييف تي روس طرفان ڊرونز ۽ ميزائلن جا شديد حملا ڪيا ويا، جن ۾ آذربائيجان جو سفارت خانو به متاثر ٿيو آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب روسي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔ يوڪريني صدر ولوديمير زيلينسڪي ٻڌايو ته ماسڪو 430 ڊرونز ۽ 18 ميزائل ڪييف تي فائر ڪيا، جن سبب رهائشي علائقن، عمارتن ۽ انرجي تنصيبات کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو۔يوڪريني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي روسي ڊرون ۽ ميزائل مار گرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر ڪيترن هنڌن تي تباهي ٿي۔ ڪييف ۾ آذربائيجان جي سفارت خاني جي عمارت کي به نقصان پهتو، جنهن بعد آذربائيجان روسي سفير کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ساڳئي وقت روس چيو آهي ته يوڪرِين خلاف فوجي ڪارروائين جي پس منظر ۾ نيٽو کي احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇوته سڌي مداخلت ماسڪو–نيٽو ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔