سيالڪوٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سابق اي ڊي سي سيالڪوٽ اقبال سنگھيڙو پوليس ھيراست مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هن واقعي کان پوءِ پوليس چڪري ۾ چار اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.پوليس موجب، اقبال سنگھيڙو کي 13 نومبر تي لاهور مان اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. واپسي دوران ملزم پوليس اهلڪارن کي ڌوڪو ڏئي چڪري موٽروئي ريسٽ ايريا مان پنهنجي ساٿين سان گڏ فرار ٿي ويو.مقدمي ۾ اي ايس آئي ظفر اقبال، ڪانسٽيبل ياسر، احمد بلال ۽ ڊرائيور شهزاد کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس چيو آهي ته ملزم جي فرار ۾ اهلڪارن جي غفلت يا ملي ڀڳت شامل ٿي سگهي ٿي، تحقيقات جاري آهن.اقبال سنگھيڙو تي الزام آهي ته هن هائوسنگ سوسائٽي جي اين او سي جي بدلي ڪروڙين روپين رشوت ورتي هئي. عدالتي ريمانڊ دوران هن واقعي تي محڪمانه انڪوائري پڻ شروع ڪئي وئي آهي، ته جيئن سڀئي حقيقتون سامهون اچي سگهن.پوليس چيو آهي ته فرار جي هن واقعي جي مڪمل ڇان بين جاري آهي ۽ گرفتار ملزم کي جلدي واپس آڻڻ جون ڪوششون هلندڙ آهن.
