لاهور ۾ جعلي عامل هپناٽائز ڪري 60 لک لٽي فرار

لاهور جي علائقي شاد باغ ۾ هڪ جعلي عامل شهرين کي هپناٽائز ڪري 60 لک رپين جا زيور ۽ نقد رقم کڻي فرار ٿي ويو۔پوليس موجب ملزم پاڻ کي روحاني معالج ظاهر ڪري متاثر جي گهر ويو، جتي هن کيس چيني کارائي ۽ ڪجهه ڪلمات پڙهڻ کان پوءِ متاثر بيهوشي واري حالت ۾ هليو ويو۔ايف آءِ آر ۾ متاثر شخص ٻڌايو مون کي هوش نه رهيو، جعلي عامل منهنجي گهر مان زيور ۽ قيمتي سامان وٺي ڀڄي ويو متاثر شهرِي جي درخواست تي شاد باغ پوليس نامعلوم جعلي عامل خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي جا مختلف پهلو جانچيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو