ملڪ ۾ خسره، روبِيلا ۽ پوليو کان بچاءُ جي قومي ويڪسين مهم جو باقاعدي طور آغاز ٿي ويو آهي۔نيشنل اي او سي مطابق مهم 17 کان 29 نومبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران 3 ڪروڙ 54 لک ٻارن کي خسره ۽ روبِيلا کان بچاءُ جي ويڪسين ڏني ويندي۔هن هفتي دوران ملڪ جي 90 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ 2 ڪروڙ 33 لک ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا۔6 مهينن کان 5 سالن تائين سڀني ٻارن کي خسره ۽ روبِيلا کان بچاءُ جي ويڪسين پڻ ڏني ويندي۔ويڪسين سرڪاري اسپتالن، اسڪولن، مدرسن ۽ عارضي ويڪسين سينٽرن ۾ فراهم ڪئي ويندي۔صوبن ۾ پوليو ويڪسين جو هدف:پنجاب: 68 لکسنڌ: 84 لک کان وڌيڪخيبرپختونخوا: 52 لک 46 هزاربلوچستان: 22 لک 46 هزارگلگت بلتستان 1 لک 36 هزاراسلام آباد: 4 لک 61 هزارخسره ۽ روبِيلا ويڪسين جو صوبائي هدف:پنجاب: 1 ڪروڙ 73 لکسنڌ: 82 لک 63 هزارخيبر پختونخوا: 59 لک 88 هزاربلوچستان: 27 لک 30 هزارآزاد ڪشمير: 6 لک 24 هزارگلگت بلتستان: 2 لک 46اسلام آباد: 2 لک 25 هزار کان وڌيڪنيشنل اي او سي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته ٻارن جي وقت سر ويڪسين کي يقيني بڻائين ته جيئن کين خسره، روبِيلا ۽ پوليو کان محفوظ رکجي۔